قاضي عبدالمجيد عابد

قاضي عبدالمجيد عابد

عـبـدالمجـيـد عـابـد قاضـي

عـبـدالمجـيـد عـابـد، قاضـي: نامـيـارو صحافـي ۽ سـياسـتدان عبدالمجيد عابد ولد قاضي عبدالقيوم، 2 مارچ 1915ع تي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سرگرم سياسي ماڻهو هو، جنهن ريشمي رومال تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عبدالمجيد عابد پاڪستان ٺهڻ بعد 1958ع ۾ ‘عبرت’ اخبار حيدرآباد مان جاري ڪئي. قاضي عبدالمجيد آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي ۽ سي. پي. اين. اي جو عهديدار رهيو. سياست جي شروعات 1979ع کان ڪيائين، ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر بڻيو. 1980ع ۾ سنڌ جي صوبائي ڪائونسل جو رڪن بڻيو ۽ ڪجهه عرصي بعد صوبائي وزير بڻيو. 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ مير علي احمد ٽالپر کي شڪست ڏئي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هو ڪابينا ۾ مختلف وزارتون سنڀاليندو وزير خوراڪ بڻيو، ان بعد اطلاعات جو وزير بڻيو. 1988ع ۾ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت جي خاتمي بعد هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر 88 وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو رڪن بڻيو. 1993ع وارين چونڊن ۾ سندس تڪ تان سندس فرزند قاضي اسد عابد اليڪشن وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو.قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.03.02  عيسوي

نامـيـارو صحافـي ۽ سـياسـتدان عبدالمجيد عابد ولد قاضي عبدالقيوم، 2 مارچ 1915ع تي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو.


1996.08.27  عيسوي

قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علاؤ الدين نيازي شيخ
اعجاز عليم عقيلي
خير محمد کوکر
جان محمد مھر
لوڪرام ڏوڏيجا
شوداساڻي جيرامداس
اشفاق آذر
اسلم خواجا
امداد علي سومرو
سنتداس ڀاٽيه ناز
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون